فوج منظم ٿئي پئي، ڳالهين جو جلد نتيجو نڪرندو،اشرف غني

ڪابل (ويب ڊيسڪ)طالبان ڇنڇر تي شام تائين ٻن وڌيڪ صوبن پڪتيڪا ۽ ڪنڙ جي ترتيبوار صوبائي هيڊ ڪوارٽرز شاران ۽ اسد آباد تي قبضو ڪري ورتو آهي جنهن بعد افغانستان جي 34 صوبن مان اڌ کان مٿي سندن قبضي ۾ اچي ويا آهن. افغان صدر اشرف غني قوم کي مختصر خطاب دوران چيوآهي ته فوج کي ٻيهر منظم ڪرڻ مک ترجيح آهي، افغانستان کي وڌيڪ عدم استحڪام، رتوڇاڻ ۽ لڏپلاڻ کان بچايو ويندو. خيال ڪيو پئي ويو ته هو قوم کي خطاب دوران عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندو پر هن ايئن نه ڪيو ۽ نه ئي طالبان پاران اڌ کان وچيڪ ملڪ تي ڪنٽرول سنڀالڻ بابت ڪو اکر ڳالهايو. اشرف غني چيو ته اسان حڪومت اندر هر فرد سان ۽ عالمي پارٽنرس سان مسلسل ڳالهين ۾ آهيون، رابطا جاري آهن ۽ جلد ئي نتيجا سامهون آندا ويندا. هن چيو ته مونکي خبر آهي ته توهان کي ڳڻتي آهي پر آئون بطور صدر توهان کي يقين ڏياران ٿو ته افغانستان ۾ وڌيڪ عدم استحڪام ۽ رتوڇاڻ کي روڪيو ويندو. هزارين صحافي، عام شهري ۽ غير ملڪي ڪابل ايئرپورٽ تان واپس وڃي رهيا آهن.

طالبان جلال آباد سميت ڪيترائي پشتون آبادي وارن شهرن تي حملا نٿا ڪرڻ چاهين ڇو ته هو انهن کي پنهنجو علائقو سمجهن ٿا. ڇنڇر تي منجهند تائين مليل اطلاعن موجب تازن اطلاعن موجب ڪابل جو گهيراءُ جاري آهي، مزار شريف ۾ رشيد دوستم جي حامين ۽ طالبان ۾ زبردست جنگ جاري آهي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪ پنهنجي شهرين کي ايئر لفٽ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ڪابل هوائي اڏي تي آمريڪي ۽ برطانوي فوجي دفاع لاءِ پهچي ويا آهن. هزارين متاثرين ڪابل پهچي ويا، اشرف غني جي استعيفيٰ جو مطالبو زور پڪڙي ويو پر هن قوم کي ڪيل خطاب ۾ استعيفيٰ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اسين جنگ نٿا چاهيون جنهن ۾ اسانجا شهري مرن ۽ اسين پرامن حل لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

Photo Facebook

گذريل ڏينهن طالبان پُلِ عالم شهر جيڪو لوگر صوبي جي گادي وارو شهر آهي ان تي ڪنٽرول ڪيو هو. اهو شهر ڪابل کان 80 ڪلوميٽر پري آهي. ڇنڇر تي طالبان وڌيڪ پيش قدمي ڪندي وردگ صوبي جي گادي واري شهر ’ميدان شر‘ پهتا آهن جتي لڙائي جاري آهي. هي شهر ڪابل کان 40 ڪلوميٽر يعني 25 ميلن جي فاصلي تي آهي.

گڏيل قومن جي سرڪريٽري ۽ آمريڪي دفاع واري وزارت جي ترجمان طالبان جي تيزي سان پيش رفت تي حيرت ۽ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

ڪئناڊا 20 هزار افغان پناهگيرن کي ملڪ ۾ پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جن افغاني خاندانن جنگ دوران ڪئناڊا جي مدد ڪئي تن کي ڪئناڊا منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ چنچر تي 2 فلائيٽس ٽورنٽو پهتيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو