کپرو واهه ۾ 3 نوجوان وهنجدي ٻڏي فوت

سانگهڙ(ن س) نارا ڪينال مان نڪرندڙ کپرو واهه ۾ وهنجندي 3 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. جن مان 2 سڳا ڀائر ٻڌايا پيا وڃن. کپرو موري جي تازو ٺهيل ريگيوليٽر وٽ پيش آيل واقعي ۾ ٻڏي فوت ٿيلن ۾ جنيد، عامر۽ شاهزيب شامل آهن. مقامي ماڻهن موجب پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو جو ڀاء ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جو ميمبرشير محمد ڏيرو اطلاع ملڻ تي انتظاميا کي آگاه ڪيو ۽ واقعي واري هنڌ پهچي هڪ نوجوان جي لاش کي پنهنجي گاڏي ۾ اسپتال آندو، سول اسپتال سانگهڙ ۾ عوام جي رش ٿي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو