کنڊ ۽ اٽي جي منافع خورن خلاف ڪاروائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف مطالبو ڪيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي چورن جي حڪومتي رپورٽ ۾ نشاندهي ٿي چڪي آهي، وزيراعظم انهن خلاف ڪاروائي ڪري. هن چيو ته چور سندس اڳيان پويان آهن ۽ حڪومتي جماعت جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هي پهرين حڪومت آهي جنهن منافعي خوري جي جاچ ڪرائي ۽ رپورٽ عوام آڏو پيش ڪئي آهي. هن چيو ته پهريون واعدو پورو ڪيو آهي ۽ هاڻي ڪاروائي کان اڳ ان جي فورنزڪ جاچ ڪرايون پيا ۽ 25 اپريل تائين رپورٽ اچي ويندي جنهن بعد ڪاروائي ڪنداسين.

ياد رهي ته ايف آءِ آي پاران جاري ڪيل جاچ رپورٽ ۾ جهانگير خان ترين، خوراڪ جي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ، مونس الاهي ۽ ٻين جي ملز ڪروڙين روپيا ڪمائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو