کنڊ جي گدامن تي ڇاپا 170 ٻوريون برآمد، گدام سيل

جروار(محمد بخش گبول) اي سي ميرپور ماٿيلو شهريار خان، کنڊ جي هٿرادو کوٽ ۽ گودامن تي اسٽاڪ جون شڪايتون ملڻ بعد اچانڪ جروار شهر پهچي مختلف گودامن تي ڇاپا هنيا.ڇاپي دوران لالچند اجيت ڪمار جي گودام ۾ کنڊ جون 170 ٻوريون پيل هجڻ ۽ لائسنس نه هجڻ ڪري گودام کي سيل ڪيو ويو. اي سي پاران اهڙي ڪاروائي ڪرڻ بعد واپس روانو ٿي ويو. رابطو ڪرڻ تي اي سي ٻڌايو ته گودام مالڪ لالچند غير قانوني کنڊ جو اسٽاڪ رکي ويٺل هو ڪنهن کي به ذخيره اندوزي جي اجازت نه ڏبي اهڙن ڊيلرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته جن وٽ لائسنس آهن انهن خلاف به جلد ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو