کنڊ اسڪينڊل ۾ زرداري، شهباز ۽ ترين کي نوٽيس جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ هفتي ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث سگر ملز مالڪن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر پاران ڪاروائي لاءِ لکيل خط تي ڪاروائي ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف ۽ جهانگير ترين سميت ٻين ملز مالڪن کي به نوٽيس جاري ٿيندا. پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير خان ترين شگر اسڪينڊل ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندڙ طور نالو اچڻ بعد پٽ سميت لنڊن هليو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو نوٽيس تي پيش نه ٿيو ته پرڏيهه مان ڪنهن به ملزم کي گهرائڻ واري قانون هيٺ ڪاروائي شروع ڪئي ويندي. ياد رهي ته شگر ملز اسڪينڊل ۾ فائدو حاصل ڪرڻ وارن ۾ وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ ۽ چوڌري مونس الاهي جو نالو به آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو