کنڀي گم ڪيل ڪارڪن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال

( رپورٽ  اسد علي عمراڻي)  جئي سنڌ قومي محاذ آريسر، ۽ سول سوسائٽي طرفان سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ،ذاڪر سھتو،ايوب ڪانڌڙو،انصاف دايو،مرتضيٰ جوڻيجو،ڪاشف ٽڳڙ، شبير بليدي، پٺان خان زھراڻي،سھيل رضا ڀٽي،فقير اعجاز ڳاھو،موھن ميگھواڙ،نسيم بلوچ،ڊاڪٽر دين محمد بلوچ،سرويچ نوحاڻي،امداد شاھ پرويز چانڊيو،ڊاڪٽر فتح محمد کوسو،مظھر شر سميت سنڌ ۽ بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ نوشھروفيروز پريس ڪلب تي احتجاجي بک ھڙتال قائم ڪئي،بک ھڙتال تي قومي ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل،بک ھڙتال تي ويٺلن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊھئا ۽ سندن ھٿن  جئي سنڌ جھنڊا ھئا،مظاھرين قومي ڪارڪنن جي آزادي جي نٽھڻ اس ۾ سخت نعري بازي ڪئي ۽ سندن آزادي لائي مطالبو  ۽ ظاھر ڪرڻ جي گھر ڪئي،بک ھڙتال جي اڳواڻي،جسقم اڳواڻ شاھنواز سنڌي،اشفاق ملڪ،ضمير سھتو،الطاف سھتو،ذاڪر سھتو،عزيز ڀنگوار،شڪيل سھتو،حامد لانگاھ،عزيز اللہ جويو،فقير امداد ملڪ،۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت ٽيھتر سالن کان سنڌ ڪربلا جو ڏيک ڏئي رھي آھي،وڏي عرصي کان رياستي ڏاڊ،جبر،وھشت،دشھت جاري ۽ ساري آھي،اڄ ب سوين سنڌ ،بلوچستان جا سوين ڪونڌر پٽ گم آھن جن جي  ڪاب خبر ناھي الائي جيئرا آھن الائي مري ويا آھن، سندن پيئر،مائرون،ڀائر،ڀينرون،ونيون، رت جا ڳوڙھا روئن پيون. جبري گمشدگيون، غير انساني،غير جمھوري،غير سياسي،۽ لاقانونيت وارو عمل آھي ۽ سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي،ھنن انساني حقن جي اڳواڻن،ايمنسٽي انٽر نيشنل،ھيومن رائيٽس ۽ ٻين مذھب ملڪن کان فورن مطالبو ۽ گھر ڪئي آھي ،پرامن سياسي ڪارڪن جي آزادي لاءِ فورن نوٽيس وٺي سندن فيملين مان بي چيني ختم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو