کنڀي گم ڪيل پروفيسر جو ڏس پتو پئجي نه سگهيو

لاڙڪاڻو (عبدالوحيد ابڙو) پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي بازيابي لاءِ اياز ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪللب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج ڪندڙن ثمران علي ڪلهوڙو، محمد ظفر ميمڻ، ارشاد علي سولنگي، ذوالفقار علي سومرو ٻڌايو ته غلام شبير ڪلهوڙو بهترين سوشل ۽ شفيق انسان آهي، هوغريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي آهي، کيس 28 جون تي هٿياربند گهر جو تقدس پائمال ڪندي کنڀي کڻي ويا آهن جنهن کي 2 مهينا ٿي چڪا آهن پر ان کي هن وقت تائين بازياب ناهي ڪرايو ويو جنهن ڪري سندن  گهر ڀاتي سخت پريشان آهن ۽ ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ڇوجو گهر جو سربراه هو آهي. صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته پرامن ۽ محب وطن استاد غلام شبير ڪلهوڙو کي آزاد ڪرائي گهر وارن جي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو