کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج

خيرپور (سجاد علي ڪٻر) سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن جي بازيابيءَ لاءِ  وارث عورتن ، مردن  ۽ وائيس آف مسنگ پرسن پاران جادو شاهه موڙ کان ريلي ڪڍي سشن ڪورت خيرپور آڏو مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي تاج جويو ،ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي ، ڊاڪٽر نظير کوکر، ماروي ڪانڌڙو، مسمات عائشه ،حسينه ، فقير ذوالفقار اڄڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن جي هٿن ۾ جبري گم ڪيل ماڻهن جون تصويرون ، ۽ پلي ڪارڊ هيا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ماڻهن کي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ ،جائز حقن جي حاصلات لاءِ ڪيل جدوجهد جي ڏوهه ۾ زبردستي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪو به قانون اجازت نٿو ڏئي،هنن چيو ته جبري کنڀي گم ڪيلن مٿان اگر ڪنهن ڏوهه جو الزام آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، هنن چيو ته ايوب ڪانڌڙو کي کنڀي گم ڪرڻ کي 4 سال 2 مهينه گذرڻ باوجود بازياب ناهي ٿي سگهيو، سندس پٽ سجاد ڪانڌڙو پيءُ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ڇا پنهنجي حقن لاءِ پر امن احتجاج ڪرڻ ڪو ڏوهه آهي ته پوءِ اسان کي به گرفتار ڪيو وڃي، 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو