کنڀيل ڪارڪن جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

ٽنڊومحمدخان (ن سنڌيار)کنڀي گم ڪيل جساف اڳواڻ ذاڪر سهتو جي بازيابي لاءٌ ٻئي ڏينهن به سندس وارثن ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن پاران اسٽيشن روڊ تي جساف جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. مرڪزي سيڪريٽري جنرل آزاد حسين سومرو، سنڌو ساگر ، عبدالرزاق خاصخيلي انسان دوست ٽرسٽ جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي مختيار خاصخيلي ارشاد ڪاتيار  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي ، انهي موقعي تي  اڳواڻن  چيو ته ذاڪر سهتو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جو اڃان تائين 22 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي اسان کي خدشو آهي ته کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڏيکاري قتل نه ڪيو وڃي  ، هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ذاڪر سهتو کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو