کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو.گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب کنڀي گم ڪيل عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سوشل ورڪر شفقت ملڪ جي آزاديءَ لاءِ سون جي تعداد ۾ ماڻهن جي احتجاجي جلوس ڪڍي سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو. پريس ڪلب کان پيپل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعرا هنيا ويا. سنڌ جي شعور کي آزاد ڪيو. سنڌ جي تعليم کي آزاد ڪيو، سنڌ جي سياست کي آزاد ڪيو. سماجي ڪارڪن شفقت کي آزاد ڪيو، شفقت سميت ٻين سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو اسان کي امن کپي جي نعرن سان گهوٽڪي گونجندي رهي ان موقعي تي اڳواڻ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ بادل ملڪ،سجاد سومرو، گهوٽڪي يوٿ نيٽ ورڪ ۽ عماره جي آصف علي ملڪ ڪامريڊ زاهد شيخ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪامريڊ ستار گهوٽو، سنڌي ادبي سنگت جي آغا بلاول پٺاڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي خالد لاکو، وڪيل اڳوڻ لال بخش گهوٽو مئنارٽي ونگ جي دوارڪا داس جي يو آء جي مولوي غلام رسول ڪلهوڙو بابر ملڪ هيبت ملڪ  سميت سول سوسائٽي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي کنڀي گم ڪيل ڪارڪن جو پيءُ حيبت ملڪ هنجون هاري ويٺو هن جو چوڻ هو ته شڪ جي بنياد تي گهر جي چئوديواري اورانگهي جنهنجا ٻچڙا کنڀي گم ڪيا وڃن ان ماءُ پيءُ مٿان ڇا گذرندي؟  اسان پاڪستاني آهيون ادارا اسان جا آهن اسان هر قسم جو تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ ضمانت ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون ته شفقت ڪنهن به قسم جي غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث نه آهي نه هيو نه ڪٿي رهندو.

Photo Sindhyar

قومي ادارن کي اپيل آهي ته کيس آزاد ڪري خاندان توڙي سول سوسائٽي ۾ ڇائنيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بادل ملڪ جو چوڻ هيو ته شفقت اسان جي پارٽي جو متحرڪ ڪارڪن سميت گهوٽڪي يوٿ نيٽ ورڪ جو به سماجي ڪارڪن آهي جيڪو هر فلاحي ڪم ۾ اڳڀرو هوندو آهي اسان ان کي ادارن طرفان رات جي اونداهي ۾ کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا جيڪڏهن شفقت جو ڪوئي ڏوھ آهي ته کيس قانون موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي اسان سندس والدين اوهان سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون هيئنر بنا دير شفقت کي آزاد ڪيو وڃي اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته هي احتجاج جي شروعات آهي اسين گهر ٿا ڪريون ته شفقت کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سموري ملڪ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ان سان گڏوگڏ موقعي جو فائدو وٺندي ضمير گهوٽو ۽ آفتاب گهوٽو جي پوئنرن پڻ سندن نوجوانن جي آزادي جي گهر ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کين آزاد ڪيو وڃي هو هر قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهن. **** سڪرنڊ مان فقير راجڪمار اوڏ موجب عوامي ورڪرس پارٽي سڪرنڊ پاران کنڀي گم ڪيل شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن شفقت ملڪ ، عاقب چانڊيو ۽ ٻين جي آزاديء لاء احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . احتجاجي ريلي شهر جي مختلف چوڪن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي . ريليء جي اڳواڻي عوامي ورڪرز پارٽي جا اڳواڻ فيض ڪيريو ، خالد سولنگي ، شاهمراد ڪيريو ، اويس سولنگي ۽ جآويد احمد ڪري رھيا هئا .

Photo Sindhyar

جڏھن ته سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جاڳواڻ اياز پرهياڙ ۽ اسد کوسو پڻ ريليء ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران شاگردن ، پورهيتن ، مزدورن ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ، جيڪو پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي خلاف آهي . هنن حڪومت کان سوال ڪندي چيو ته ڇا هتي قانون صرف مظلوم ماڻهن جي لاء آهي ؟ جيڪڏھن ائين آهي ته ان جا نتيجا تمام خراب نڪرندا . هتان جو هر شهري هڪجهڙاحق رکي ٿو پر هتي پنهنجا حق ۽ انصاف گهرڻ واري کي گرفتار ڪري گم ڪيو وڃي ٿو . هنن گم ڪيل سمورن ماڻهن جي آزاديء جو مطالبو ڪندي چيو ته اگر اهي ڪنهن غير قانوني عمل يا ڏوھ ۾ ملوث آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي . احتجاجي ريليء ۾ ٻين سماجي ، سياسي پارٽين ۽ شهرين شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو