کنڀيل نوجوان جي بازيابي لاءِ نيشنل هاءِ وي بند، احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد وسيم راڄپر جي 10 ڏينهن بعد به بازياب نه ٿيڻ تي ڳوٺ جمن راڄپر جي ڳوٺاڻن آچر تي سکر مورو نيشنل هاء وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو. ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين، پ پ پ، عوامي تحريڪ، پي ٽي آءِ ۽ شھري ايڪشن ڪميٽي جي  اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي غلام عباس راڄپر، يونس راڄپر، نويد راجپر ، ممتاز علي رند،امان الله سولنگي شڪيل رند، بخشل راجپر، انور مری، سچل چانڊيو، شاھد مڱڻيجو ۽ ٻين چيو ته نوجوان شاگرد وسيم راڄپر جيڪو ڏينھن جو پڙھائي ۽ شام جو شھر ۾ ڪئبن ھلائيندو آھي ۽ انتھائي شريف آھي جنھن کي 10ڏينھن اڳ رات جي وقت موٽر سائيڪل تي شھر کان ڳوٺ طرف ايندي رستي مان کنڀي غائب ڪيو ويو آھي تمام گھڻي ڳولا باوجود سندس ڪٿي به ڏس پتو پئجي نه سگھيو آھي ان جو موبائل پڻ بند آھي  جنھن ڪري سندس حياتي کي خطرو آهي ۽ سندس ماءُ  کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آھن ھنن وڌيڪ چيو ته اسان اعليٰ اختيارن کي ٽيليگرام پڻ ڪيا آھن ۽ نوشهرو فيروز ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس ايف آء آر داخل ڪرڻ لاء تيار ناهي۔ جيڪڏهن هو بازياب نه ٿيو ته 9 جولاءِ تي وري روڊ بند ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو