ڦورو نرس جي گهر ۾ گهڙي پٽ کي زخمي ڪري فرار

نوابشاهه (رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)اي سيڪشن ٿاڻي جي حدنواز علي شاهه ڪالوني ۾ ڏينھن ڏٺي جو گھر مان ٻه نامعلوم ھٿياربندن اسٽاف نرس ڪنيز فاطمه جي گھر ۾ گھڙي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورن چاڪن جا وار ڪري اسٽاف نرس ڪنيز فاطمه جي 25 ورھين جي پٽ احسن علي کي ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال آندو ويو آھي جتي ان جو علاج ھلندڙ آھي، ان سلسلي ۾ زخمي نوجوان احسن علي ٻڌايو ته ٻه ڄڻا منھنجي گھر ۾ داخل ٿي مونتي پسٽل تاڻي واش روم ۾ وٺي وڃي پاڻي واري ٽوٽي کولي مونکي چيو ته گھر ۾ پئسا ڪٿي پيل آھن منھنجي انڪار تي ڇرين جا وار ڪري مونکي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ته واقعي جو آخري اطلاعن تائين داخل نه ٿي سگھيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو