ڦر دوران مزاحمت، 1 ڦورو گرفتار،4 لک ڦرجي ويا، پوليس جو پيڇو

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ 3 موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن واپاري کان 4 لک روڪ ڦر ڪري فرار ، ڦورن سان مذاحمت هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار 2 ڦورو رقم کڻي فرار ، پوليس ۽ وارثن جو پيڇو ، جهنگ جو سرچ آپريشن ، شهر جي بگوروڊ تي 3 هٿياربند واپاري عبدالجبار مگسي کان 4 لک روڪ ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مذاحمت ٿي پئي مذاحمت دوران شهرين ۽ پوليس هڪ ڏوهاري لياقت چانڊيو کي پسٽل ۽ موٽرسائيڪل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

هوڏانهن شهرين پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪندي ڳوٺ چنگل پاندها ڀرسان سرنهن جي فصل کي ڪڙو چاڙهي جنهن کي ڳوٺاڻن ۽ پوليس سرچ آپريشن ڪئي 2 ڪلاڪن جي ڳولا باوجود ڪو به ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگهيو ٻئي پاسي اطلاع تي ڊي ايس پي شهدادڪوٽ شرف الدين سومرو اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهڇي علائقي جو معائنو ڪيو هوڏانهن اسپتال ۾ موجود ماڻهن موجب عبدالجبار گاڏين جو واپاري آهي سندس  ڪنهن هنڌ تي واپار رکيل هو جتان کيس پيسا کڻي گهر اچي رهيو هو ته ڄاڻايل هنڌ وٽ واقعو پيش آيو ٻئي پوليس پاران گرفتار جوابدار کان پسٽل ۽ موٽرسائيڪل برآمد ٿي ۽ رقم فرار ٿيل ڦورو کڻي فرار ٿي ويا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو