ڏيرن زمين تي قبضو ڪيو آهي، بيواهه جو ٻارن سميت احتجاج

داد لغاري (نديم مھر) ڳوٺ ٻانهون ملڪ جي رهواسڻ بيواهه عورت پروين اقبال ڪمبوهه ڏيرن پاران 6 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف پنهنجي خاندان سميت ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سندس پٽ بلال ۽ خالد، نياڻي تسليم خاتون به گڏ هئس. عورت ٻڌايو ته  سندس مڙس اقبال ڪمبوهه جي وفات بعد هن جي ڏيرن طالب، خادم علي احمد ۽ حسين ڪمبوهه سندس حصي ۾ آيل  6 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هو روز گهر ۾ گهڙي تشدد جو نشانو بڻائين ٿا ۽ زمين تان هٿ کڻڻ جي لکت ڪري ڏين لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪوبه دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهين. هن چيو ته داد لغاري ٿاڻي جو ايس ايڇ او وحيد مراد پٺاڻ اسان جي مخالفن کان رشوت وٺي انهن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ اسان کي رڳو ٺلها آسرا ڏيئي ٿاڻي تان واپس ڪري ٿو، ڪيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.  هن چيو ته مٿي ڄاڻايل جوابدار بااثر هجڻ ڪري اسان کي موتمارڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مون سان انصاف نه ٿيو ۽ قبضي هيٺ آيل زمين تان قبضو ختم نه ڪرايو ويو ته اسان سڀ گهر جا ڀاتي پاڻ کي ايس ايس پي آفيس آڏو باهه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسون. ٿاڻي تي رابطو ڪرڻ تي وڏي منشي ٻڌايو ته بيواهه پروين اقبال ڪمبوهه وارن جي زمين ۾ سڀني ڀائرن جي شراڪت آهي، اسين جاچ ڪنداسين جيڪڏهن هنن جي حصي تي قبضو ٿيل آهي ته ّروري ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو