ڏيتي ليتي تان ماسات جو خون، ڪيس داخل نه ٿيو

نوشھروفيروز(ڊ ر) پڊعيڊن پوليس جي حد ڳوٺ جاني مري ۾ ماساتن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿي پيو. انور مري پٽ عرس مري فائرنگ ڪري 25 ساله نوجوان محمد ابراھيم پٽ بچل مري کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پڊعيڊن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي  پوسٽ مارٽم لاء لاش پڊعيڊن اسپتال منتقل ڪيو. پوليس اڃا ڪيس داخل ناهي ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو