ڏهر واهه جا ڪپر ڪمزور، ڳوٺاڻن جو احتجاج، نوٽيس وٺو

اوٻاوڙو(غلام علي رند) ڳوٺ بلاول خان رند لڳ آرڊي نمبر 35 وٽان ڏهر واهه جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا، ڪنهن به وقت واهه جو ڪپر ٽٽي سگهي ٿو ۽ ڳوٺ جي ٻڏڻ سان گڏوگڏ ڪروڙين روپين جي فصلن کي به نقصان پهچي سگهي ٿو. آبپاشي عملدارن کي بار بار آگاهه ڪرڻ باوجود ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. ڳوٺاڻن مجبور ٿي احتجاجي مظاهرو ڪري عملدارن جو ڌيان ڇڪائيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صورتحال تمام نازڪ آهي ان جو فوري نوٽيس ورتو وڃي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته داروغو معشوق ڀارو افغاني پٺاڻن کا پئسا وٺي واهه مان واري کڻائيندو هو، جنهن سبب گهير ٺاهڻ لاِءِ پٺاڻن ڪپرڪٽي ڇڏيا آهن. هنن چيو ته آبپاشي کاتي جا ڪامورا مرمت جي بجٽ هڙپ ڪري ٿا وڃن ۽ ڪو به ڪم نٿا ڪرائين. ڳوٺاڻن سڪيٽري ايريگشن کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر غلام ياسين قريشي ۽ انجنيئر۽ داروغي خلاف ڪاروائي ڪري واهه جاڪپر مضبوط ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو