ڊپٽي ڊائريڪٽر کان ڦر، ڦورو کيس ڪٽڪو ڏئي فرار

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر الھڏنو ٿيٻو گمبٽ کان ٺٽو طرف ميٽنگ لاءِ ويندي ڦرجي ويو. ڦورو سندس ويگو گاڏي ۽ سامان ڦري فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڄاڻايل آفيسر کي ڪٽڪو ڏئي اڇلائي ويا. هن ٻڌايو ته ڪرونڊي ڀرسان ڪار تي سوار ھٿياربندن کيس روڪيو ۽ کائنس گاڏي ۽ سامن ڦري ويا. پيروسڻ ٿاڻي جي حد ملڪ چودڳي وٽ کيس زخمي حالت ۾  ڦٽو ڪري ويگو گاڏي کاھي ۽ سامان کڻي فرار ٿي ويا. جنھن بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر پوليس چوڪي ٽنڊو ميرعلي پُھچي ٻڌايو ته  مان گمبٽ جي ڳوٺ لولوائي شاخ جو رهواسي آهيان مان گھر کان ٺٽو طرف ميٽنگ لاءِ وڃي رھيو هئس  ته رستي تي اھڙو واقعو پيش آيو آھي. پوليس ناڪابندي ڪري جاچ ڪري پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو