ڊي ايس پي کي مارڪٽ، لکين روپيا جي ڦر، مزاحمت تي ڀاڻيجو قتل

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) شادمان جي سيڪٽر 14 بي ۾ ڊي ايس پي کي مار ڪٽ ڪري گهر مان لکين روپين جي چوري دوران فائرنگ سبب سندس ڀاڻيجو مارجي ويو.ڊي ايس پي طارق ملڪ ٻڌايو ته 6 چور سندس گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهر وارن کي يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪئي ۽ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ بنگلي ۾ موجود رهيا. هنن مون کي به تشدد جو نشانو بڻايو ۽ مزاحمت دوران فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو ڀاڻيجو رياض مارجي ويو. واردات دوران جوابدار سون، روڪ رقم ۽ 2 پستول ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو