ڊي آءِ خان ۾ اڄ عيد ملهائي وئي

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) ڪالهه پوري ملڪ ۾ عيد الفطر جو پهريون ڏينهن هو پر ڊي آءِ خان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ روزو رکيو ويو هو.ڊي آءِ جي خان جي ڳوٺ بدني خيل ۽ ڪتي خيل ۾ ڪالهه روزو رکيو ويو ۽اڄ عيد ملهائي پئي وڃي، ٻنهي ڳوٺن جي مسجدن ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي ۽ ماڻهن هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏنيون.ڊي آءِ خان جا ٻئي ڳوٺ يو سي وانڊه خان جي تعلقي پهاڙ پور جا آهن.ڊيرا اسماعيل خان جي اڳوڻي ناظم جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ٻئي ڳوٺ 900 گهرن تي مشتمل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو