ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ وارو دور هاڻي ختم ٿي ويو، چيني صدر

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چيني صدر شي جن پنگ عالمي طاقتن کي خبردار ڪيو آهي ته هاڻي چين کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جو وقت ختم ٿي ويو، چيني ڪميونسٽ پارٽيِ جي 100 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي چيني صدرعالمي طاقتن کي واضح پيغام ڏنو، چيني صدر وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته چين کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ وارو دور هاڻي ختم ٿي ويو آهي، جنهن به پارٽي ۽ چيني عوام کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان کي بدترين ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو، ميڊيا رپورٽس موجب چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 100 هين سالگرهه تقريب ۾ چيني صدر سان گڏ سينيئر قيادت به شرڪت ڪئي، جڏهن ته چيني صدر پنهنجي خطاب ۾ پارٽي جي طرفان چين کي تباهه ڪندڙ جاگيرداراڻي سسٽم کان نجات ڏيڻ ۽ سوشل مارڪيٽ بڻائڻ لاءِ ڪيل قدمن تي به روشني وڌي. صدر شي جن پنگ چيو ته صرف سوشلزم ئي چين کي محفوظ بڻائي سگهي ٿو ۽ هڪ اهوئي طريقو آهي جيڪو چين کي ترقي ڏئي سگهي ٿو، هن پيغام ڏنو ته ٻاهرين قوتن خلاف زور آزمائي ۾ ڪنهن کي به چيني قوم جي رٽ ۽ طاقت کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو