ڊيلٽا ويرئنٽ 60 سيڪڙو وڌيڪ خطرناڪ آهي، حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر انتهائي خطرناڪ ۽ تيزي سان وڌڻ لڳي آهي، ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ جو ڪارڻ ڊيلٽا ويريئنٽ آهي، صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر تيزي سان وڌي رهي آهي، ڊيلٽا ويريئنٽ برطانوي ويريئنٽ کان 60 سيڪڙو وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڪورونا جي چوٿين لهر پکڙجڻ جو ڪارڻ به ڊيلٽا ويريئنٽ آهي، هن چيو آهي ته وزيراعظم آڏو سڀاڻي ڪورونا روڪڻ لاءِ قدمن بابت سفارشون پيش ڪيون وينديون، ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي سان پابنديون لڳايون وينديون آهن ته جيئن عوام پريشان نه ٿئي. هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا ويڪسين جي خريدار تي 200 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي ۽ 3000موبائل يونٽس گهر گهر وڃي ڪورونا ويڪسين لڳائي رهي آهي، ملڪ ۾ ويڪسين جي پهرين هڪ ڪروڙو ڊوز لڳائڻ ۾ 113 ڏينهن لڳا ۽ هن وقت تائين ملڪ ۾ 3 ڪروڙ ويڪسينز لڳائي وئي آهي. اسد عمر چيو آهي ته گذريل ڏهاڙي سڄي ملڪ ۾ 9 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي،گذريل 6 ڏينهن ۾ 50 لک ويڪسينز لڳائي وئي آهي، 16 ڏينهن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خوراڪ لڳايون ويون آهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر گذري رهي آهي، ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ روزاني 480 کان 500 ماڻهو اسپتال پهچي رهيا آهن، ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪيسز وڌڻ جي ڪري صحت جي شعبي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، عوام کي درخواست آهي ته ماسڪ پايو، رش ۾ نه وڃو ۽ ڪمرن کي هوا دار رکو، اهڙي طرح سان ڪورونا کا بچي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو