پٽ پيل عمارتي ملبي مان 2 وڌيڪ لاش هٿ، انگ 9 ٿي ويو

سکر (جيرام داس ) ڊهي پٽ پيل 3 ماڙ عمارت جي ملبي مان وڌيڪ هڪ عورت سوڌو 2 ڄڻن جا لاش هٿ اچڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي. سکر ۾ ڊهي پٽ پيل 3 ماڙ عمارت جي ملبي مان لاش ۽ زخمين کي ڪڍڻ لاءِ اڄ ٽئين ڏينهن به ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته اڄ وڌيڪ ٻن ڄڻن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا آهن جِن ۾ طلعت حسين ۽ وردار زال ناصر علي شامل آهن. اُن کانپوءِ عمارت ڊهي پٽ پوڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو فوت ٿيلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف رات دير سان سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ هڪ ئي ڪُٽنب جي 6 ڀاتين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد لاش ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايا ويا. جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي، متاثرن جي مٽن مائٽن، پاڪ آرمي، رينجرس، پوليس آفيسرز ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي جڏهن ته هڪ ئي خاندان جا 6 جنازا کڄڻ وقت قيامت وارو منظر هيو. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ گهنٽا گهر ويجهو اسٽيشن روڊ تي 3 ماڙ عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي هئي ان پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. جڏهن ته ٽئين ڏينهن به ملبو هٽائڻ واري آپريشن ۾ پاڪ فوج ۽ ڪراچي کان پهتل تربيت يافته ٽيمن حصو ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو