ڊبليو ايڇ او پاران ڪورونا لاءِ آمريڪي دوا غير موثر قرار

جنيوا(ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او، آمريڪي ڪمپني جي ڪورونا وائرس بابت دوا رميڊيسيور ڪي وبا لاءِ بي اثر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هي دوا ايبولا وائرس وقت به استعمال ڪئي وئي هئي ۽ آمريڪا جي ڦوڊ ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي ڪورونا لاءِ به ايمرجنسي ۾ استعمال جي اجازت ڏني هئي پر ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مريضن ۾ موت کي روڪڻ يا جلد صحتياب ڪرڻ بابت دعويٰ غلط آهي هي دوا ڪورونا لاءِ بي اثر آهي. عالمي اداري جي ماهرن هن دوا کانسواءِ هائيڊروڪسي ڪلورين، ايڇ آءِ وي جو مرڪب لوپي نيور، ريٽو نيور ۽ انٽر فيرون جي به تفصيلي جائزو ورتو پر انهن مان ڪابه دوا اثرائتي ثابت نه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو