ڊاڪٽر ماها شاهه جي قبر ڪشائي جا انتظام مڪمل

ميرپور خاص(ن سنڌيار) ڊاڪٽر ماها شاهه جي موت بابت جاچ لاءِ سندس عدالتي حڪم تي قبرڪشائي ڪئي پئي وڃي. ڇو ته ميڊيڪل رپورٽ جي تڪراري بڻجڻ بعد پوليس اهو طئي ڪرڻ لاءِ ته هي قتل آهي يا آپگهات، قبر ڪشائي ڪري رهي آهي.  گرهوڙ شريف ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪئي ويندي، قبرڪشائي بعد ميڊيڪل بورڊ پاران لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪري جزا ورتا ويندا، پوليس جي جاچ رپورٽ ۽ ميڊيڪل رپورٽ ۾ تضاد سبب موت جو ڪارڻ ۽ منشيات جي استعمال جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ڊاڪٽر ماها شاهه جي قبرڪشائي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو