ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ)سرڪاري شاهد پيش نه ٿيڻ سبب شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سينٽرل جيل سکر ۾ عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته شاهد پيش نه ٿيڻ جو عدالت کي ٻڌايو ويو. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ حاضري تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻ+ڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي موجود علامه راشد محمود سومر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بابا جو ڪيس ستن سالن کان رولڙي جو شڪار آهي. هن چيو ته اڳ ۾ قاتلن جا وڪيل پيش نه ٿيندا هئا، اڄ وڪيل آيا ته شاهد غائب هئا. هن چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو اهم سياسي شخصيت هو ان جي قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسين قاتلن کي انجام تائين پهچائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو