ڊاڪٽرن پاران مريضن لاءِ مفتي طبي ڪيمپ قائم

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)عادلپور ۾ سکر اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽر محمد هاشم ڪلوڙ , ڊاڪٽر انعام شيخ , ڊاڪٽر ظهور احمد ڪلوڙ ۽ ٻين پاران هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي , جنهن ۾ مشهور ڊاڪٽرن طبي چڪاس ڪري مفت دوائون پڻ ڏنيون , ۽ مريضن کي بليڊپريشر ۽ دل جي بيمارين بابت بهترين مشهورا پڻ ڏنا , مفت طبي ڪيمپ ۾ عادلپور جي آس پاس جي علائقن مان سوين غريب مسڪين ماڻهن جي مفت چڪاس ڪري کين مفت ۾ دوائون ڏنيون ويون فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ دل بليڊپريشر جي ماهر ڊاڪٽرن مفت چيڪب ڪري دوائون پڻ ڏنيون ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر محمد حاشم ڪلوڙ ڊاڪٽر جاويد خورشيد شيخ ڊاڪٽر محمد حسن ڀٽ ڊاڪٽر اسماعيل بلوچ سميت ٻين چڪب ڪيو ان موقعي تي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اسان خلقي خدا جي خدمت ڪريون پيا هتي دل بليڊپريشر جي مفت چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون آهن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو