ڊان خلاف هفتي ۾ ٻيو ڀيرو احتجاج، ڪاپين کي باهه ۽ نعريبازي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊان اخبار جي آفيس ٻاهران وري ٻيهر مظاهرو ڪري اخبار جون ڪاپيون ڦاڙي ۽ ساڙي نعريبازي ڪئي وئي. هي هڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو آهي ته ڊان اسلام آباد آفيس آڏو مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته ڊان پاڪستان کي بدنام ڪري رهي آهي. مظاهرين وٽ لٺيون به هيون ۽ هو ويگنن م سوار ٿي آيا هئا. ڪيترڻ کي ڏاڙهيون به هيون. پوليس کي گهرايو ويو پر هو چپ ڪري بيٺا رهيا ۽ 40 منٽ بعد مظاهرين واپس هليا ويا. سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي اڄ اسلام آباد پوليس کي تاڪيد ڪئي ته ڊان کي تحفظ ڏنو وڃي جنهن جي چند ڪلاڪن بعد مظاهري ٿيو. ياد رهي ته ڊان ۾ لنڊن ۾ تازو ٿيل حملي آور عثمان خان جي سڃاڻپ بابت ڊان خبر شايع ڪئي هئي ته سندس خاندان پاڪستان مان لڏي ويو هو ۽ هو لنڊن ۾ ڄائو هو. جنهن بعد دفاع پاڪستان نالي تنظيم احتجاجي مظاهرو ڪيو هو ته ڊان پاڪستان کي بدنام ٿي ڪري. ڊان جي ايڊيٽر ظفر عباس ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پر امن مظاهرو ڪرڻ سڀني جو حق آهي.

شرط اهو آهي ته تشدد کان پاسو ڪيو وڃي. گلوبل فري ميڊيا به ڊان خلاف احتجاج جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو آزاد ميڊيا تي دٻاءَ جي ڪوشش آهي ۽ حڪومت ان جو نوٽيس وٺي.

بلاول ڀٽو ڊان آفيس جو دورو ڪري اسٽاف سان اظهار يڪجهتي ڪندي ميڊيا تي دٻاءَ وارين ڪوششن جي مذمت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو