ڊالر 158 جو ٿي ويو، سون به في تولو 2700 مهانگو

ڪراچي(رپورٽ دريا خان شر) ڊالر ۽ سون جي ملهه ۾ اضافو ٿي ويو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جمع تي 158 روپيا ۽ سون في تولو 75900 جو ٿي ويو آهي. سون جي اگهه ۾ في تولو 2700 روپيا واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊالر ٻن ڏينهن ۾ 6 روپيا چڙهي ويو آهي. ڪرنسي ڊيلر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ظفر پراچا ڊان ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي فوري مداخلت ڪرڻي پوندي نه ته ڊالر 180 تي پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته ڊالر حد کان وڌي ويو آحي، ان جا ڪهڙا سبب آهن، انڪوائري ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي بعد اسٽيٽ بئنڪ جا هٿ ڪپيل آهن ڇو ته ان ۾ طئي ٿيو هو ته ڊالر جي قيمت جو تعين فري مارڪيٽ ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو