ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي ملهه ۾ 70 پيسا لاٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ ڊالر جي ڀيٽ م 70 پيسا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. خميس تي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي. اڳ ۾ 158.60 روپيا في ڊالر هو جيڪو وڌي 159.39 ٿي ويو. گذريل 6 مهينن کان روپئي جو ملهه ساڳيو رهيو پر هن هفتي سومر کان ڊالر جو ريٽ وڌندو پيو وڃي ۽ هن مهل تائين 5.05 روپيا ريٽ وڌي چڪو آهي. اڳ ۾ 154.25 روپيا في ڊالر هو ۽ هن هفتي ٿيل واڌ 3.27 سيڪڙو آهي. جنهن سان مهانگائي وڌندي ۽ پرڏيهه مان ايندڙ سامان جي قيمت م به واڌ ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو