ڇيلري مڇي جي مارڻ تي بندش باوجود وڪرو جاري

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون ) جون ۽ جولائي مھيني ۾ ڇيلري مڇي جي ماري تي پابندي باوجود ضلعي بدين جي پنجن ئي تعلقن ٽنڊي باگي، بدين، تلھار، ماتلي ۽ گولاڙچي جي ڍنڍن ۽ تلائن ۾ مڇي مارڻ ۽ ان جو سرعام وڪرو جاري آھي. جنهن سان ڇيلري مڇي جو نسل تباه ۽ ختم ٿي رهيو آھي. حڪومت پاران هر سال جون ۽ جولاءِ وارن ٻن مهينن ۾ ڇيلري مڇي ڪرڙو، موراکو، گراس ۽ ٿيري وغيره جي شڪار ۽ وڪري تي پابندي هجڻ باوجود اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آھن. هنن مڇي جي قسم واريون مڇيون ڄاڻايل ٻن مهينن ۾ آنا ڏينديون آھن ۽ پنهنجو نسل وڌائينديون آھن. پر فشريز کاتي وارا مڇي جي واپارين ۽ ڍنڍن ۽ تلائن جي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري سر عام مڇي جي نسل ڪشي ڪري رهيا آھن. واضح رهي ته ضلعو بدين، خاص ڪري ٽنڊوباگو مڇي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مشھور آھن هتان جي ڍنڍن ۽ تلائن جي مڇي کائڻ ۾  ڏاڍي مزيدار هوندي آھي ۽ هتان جي مڇي ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڻ وڪرو ڪئي ويندي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو