ڇنڇر تي لائبريري کولڻ جو حڪم، شاگردن ۾ سرهائي

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سيشن ڪورٽ اڳيان شاگردن جي احتجاج رنگ لاتو، ميڊيا تي خبرون ھلڻ بعد ئي سيشن ڪورٽ دادو جي معزز جج نوٽيس وٺندي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري جو دورو ڪري ھر ڇنڇر تي شاگردن لاءِ لائبرري کليل رکڻ جو حڪم ڪري ڇڏيو.شاگردن پاران ڇنڇر آچر تي لائيبرري کليل رکڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو، جيڪا خبر ميڊيا تي هلڻ کان پوءِ سيشن ڪورٽ جج نوٽيس وٺندي  علامه آءِ آءِ قاضي لائبرري جو دورو ڪري شاگردن جي پڙھائي لاءِ ڇنڇر تي کليل رکڻ جو حڪم جاري ڪري شاگردن جي مطالبي کي منظور ڪري ورتو، بعد ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لائبرري جي ائڊمنسٽريشن ميڊيا جي نمائندن کي لائبرري وزٽ ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ لائبرري جي هر سيڪشن جو دورو ڪرايو ويو، جنهن ۾ وڏن شاگردن کان علاوه ننڍن ٻارن ۽ ليڊيز جي پڙھائي لاءِ اسٽڊي روم، اخباري سيڪشن، ڪمپيوٽر ليب روم ڏيکاريا ويا، شاگردن جي سهولت لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ حڪومت سنڌ کان مليل لائبرري ۾ سولر پلانٽ به ڏيکاريو ويو، لائبرري ۾ موجود شاگردن سول جج ۽ لائبرري جي ايڊ منسٽريشن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسانجو جائز مطالبو هو جنهن کي پورو ڪري اسان مان بيچيني ختم ڪئي وئي آھي، اسان سيشن جج ۽ حڪومت سنڌ جا ٿورائتا آھيون جنهن اسان جي سهولتن لاءِ قدم کنيا آھن،.

پهنجو تبصرو موڪليو