ڇتي ڪتي 3 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو، ويڪسين اڻلڀ

نوشهروفيروز) مشتاق مري) شهر جي لغاري پاڙي ۾ اوچتو ظاهر ٿيل ڇتي ڪتي شهرين تي حملا ڪري ڏنا جنهن سبب 3 شهري عادل ٻوهيو، هدايت الله هاليپوٽو ۽ الهرکيو ڪاڪيپوٽو زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻين شهرين ڀڄي جان بچائي، زخمين کي سول اسپتال نوشهروفيروز داخل ڪيو ويو جتي سندن مرهم پٽي ڪئي وئي جڏهن ته ڇتي ڪتي جي بچاءَ واري ويڪسين نه هجڻ ڪري زخمي ۽ سندن مائٽ سخت پريشان رهيا. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته هو انتهائي غريب آهن ۽ خانگي اسٽورن تي ويڪسين تمام گهڻي مهانگي اگهه تي ملي ٿي ۽ پئسا نه هجڻ ڪري هو ويڪسين نه ڪرائي سگهندا. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو ٻڌايو ته اسپتال ۾ ويڪسين موجود آهي پر سيشن جج نئون آيو آهي ان جي اجازت سان سڀاڻي متاثر ٿيل ماڻهن کي لڳائي ويندي. هوڏانهن ڇتو ڪتو شهر ۾ گهمي ڦري رهيو آهي پر ڪوبه ادارو ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ اڳتي ناهي آيو جنهن ڪري شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو