ڇتو منگي ۾ استاد ڏيو، ٻار رلي ويا آهن، ڳوٺاڻا

دادلغاري( رپورٽ باقر پتافي) تعليمي ايمرجنسي جوصرف نالو ئي رھجي ويو، عملي ڪم زيرو، ڪٿي استاد مقرر نہ ٿي سگھيا تہ وري ڪٿي اسڪول خالي نظر اچڻ لڳا. گذريل ڪيترن سالن کان وٺي دادلغاري ويجھو ڳوٺ ڇتو منگي جو گورنمنٽ پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر نہ ٿيڻ ڪري اسڪول اندر وڏا وڏا وڻ ڊڀ ٿي ويا، جنھن سبب اندران اسڪول جھنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي. استاد مقرر نہ ٿيڻ ڪري شاگردن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آھي  اسڪول اندر استاد مقرر نہ ٿيڻ ڪري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آھي پر ڪاغذن م عملو مقرر آهي ۽ گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا. ڳوٺاڻن ضلع گھوٽڪي جي تعليم کاتي جي اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول م ھڪ استاد مقرر ڪيو وچي جئین سندن ٻار تعليم حاصل ڪري سگھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو