ڇا موجوده طالبان اڳوڻن طالبانن کان مختلف آهن؟

ليکڪ وسعت الله خان/ سنڌيڪار  جاويد سولنگي

 هي اهي طالبان بلڪل نه آهن  جن جو امير ملا عمر هو ۽ جن جا ڪيترائي پهرين ۽ ٻئي درجي جا ساٿي  دارالعلوم اکوڙي خٽڪ يا جامعه بنوريه ٽائون ڪراچي جا طالب علم  هئا.

هي اهي طالبان به نه آهن جن کي ان  وقت جو پاڪستاني وزير داخله نصير الله بابر پنهنجا ٻار  سڏيندو ھو ۽ جن جي باري ۾ هر پاڪستان مخالف افغان سمجهندو ھو  ته انهن جي جنگي حڪمت عملي جي تالي جي چاٻي اي ايس وٺ  آھي  ۽ نقلي چاٻي سعودي انٽيليجنس وٽ۔ ان حقيقت جي وڌيڪ پڪ تڏھن ٿي جڏھن صرف ٽن ملڪن اميرالمومنين واري  قندھار سلطنت کي تسليم ڪيو۔  انھن ملڪن ۾ پاڪستان ، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب شامل ھئا۔ پر جلد ئي  طالبان جي مدد ڪندڙن تي اھا ڳالھ   واضح ٿي ويئي ته طالبان ھاڻي صرف مدرسي جا شاگرد ناھن جو صرف (Yes Boss) وانگر ٿي رھن پر  ھنن جي رڳن ۾  افغاني خون دوري رھيو ھو ۔ انهن جو اسلامي نظريو به افغاني برانڊ آھي۔ يعني  ڪجهه ديوبندي، ڪجهه قوم پرستي ، وڌيڪ  پختون ولي (پختون عزت جو ڪوڊ) ۽ قبائلي طرز جي سخت گيري وارو مقامي ميلاپ به آھي۔

۽ پوءِ اهو واضح ٿيندو ويو ته طالبان ، جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ خليجي ملڪن جي احسان مندي ۽ شڪر گزار ته آھن پر  ھر وقت انھن ملڪن جي سلامي ڏيڻ کان تمام پري آھن۔

جڏهن طالبان جي پهرين نسل باميان ۾ گوتم بدھ جي ٻن مجسمن کي توبن سان ڪيرائي ڇڏيو، تڏهن  ئي انهن ڊيورنڊ لائين جي طع شدا اقرار نامي کي رد ڪندي ان سرحد کي مستقل سرحد مڃڻ کان  انڪار ڪيو ۽ اڳوڻن افغان حڪومتن جي نقش قدم تي هلندي انهن وچ ايشيا کان ڏکڻ ايشيا واري  گئس پائپ لائن منصوبي لاء تعاون کان انڪار ڪري ڇڏيو۔

جڏهن هنن پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ جي صلاح جي برعڪس القاعده جي مھمان نوازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 9/11 کان پوءِ پاڪ سعودي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنهنجي خير خواه عالمن جي صلاح کي ٺڪرائي  القائده جي مھماني ڪرڻ کي اوليت ڏني۔ جيڪي چوندا ھئا ته “طالبان اسان جا فرمانبردار آھن” تڏھن انھن کي خبر پئي ته طالبان ايترا فرمانبردار ناھن جيترو اسان سوچيو ھيو ۽ ھو ته ”چريا ھوشيار آھن”۔ اسٽريٽيجڪ ڊيپٿ / دور رس حڪمت عملي اسان جو خواب هئي، پر طالبان پاڪستان ۾ ئي اسٽريٽجڪ ڊيپٿ حاصل ڪري  ورتي. طالبان  جي پهريون نسل جنھن جو دارومدار ئي پاڪستان ۽ خليجي ملڪن جي  اخلاقي ، مادي ۽ سفارتي مدد تي ھو  ۽  اھي ئي طالبان اسان جي خواهشن تي پورو لهي نه سگهيا ته پوء  طالبان جي هاڻوڪي نسل مان پنھنجي  مرضي مطابق  معملات طع ڪرڻ ۾ اڳ کان وڌيڪ پريشاني اچي سگھي ٿي۔ اڳين طالبان جي برعڪس ھاڻي وارن طالبان نسل جي  تربعت ۽ رڳڙائي 20 سالن تي مشتعمل جنگ تي ٿي آھي۔

پهرين نسل جي برعڪس ، هن نسل جا طالبان نه رڳو تصويرون ڪڍرائڻ کان نه ٿا گھٻرائن ، پر بين الاقوامي ۽ علائقائي سياست جي الفابيٽ ، وڏين طاقتن جي وڏي راند ۽ ڳالھين جي ھنر کان پھرين جي مقابلي ۾  وڌيڪ واقفيت  رکن ٿا۔ پهرين نسل جي قيادت 100٪ پشتون هئي ۽ اها پڻ ڏکڻ افغانستان جي پشتون جي هٿ ۾ ھئي. ٻئين نسل ۾ توهان کي پشتونن سان گڏ ازبڪ ، تاجڪ ، هزاره ۽ حتي بلوچ طالبان جا ڪمانڊر به ملندا. پهرين نسل جي طالبان کي قابل ۾حڪومت ملڻ جي باوجود اترين افغانستان کي عسڪري اعتبار جي لحاظ کان پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاء چوٽي جو زور لڳائڻو پيو پوء به مڪمل طرح ڪامياب نه ٿي سگھيا۔ 

پر طالبان جي موجوده نسل جو گهڻو حصو وچ اوڀر ايشيائي رياستن ۽ ايران سان ملحق مغربي صوبن سان ملندڙ اترين صوبن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش تي مرکوز آهي.

جڏهن به پهرين نسل جي طالبانن سان ڪوئي  مشاورتي مسئلو رھيو ته ھو پاڪستان ۾ موجود پنهنجي ادارتي ۽ مدرسي جي دوستن کان مدد وٺندا ھئا۔پر هاڻوڪي طالبان ليڊرشپ وڌيڪ سلجھيل  آهي.  انھن جا قطر سان سٺا تعلقات آھن۔ هنن جو قطر مخالف سعودين سان پڻ سٺو تعلق آهي ، ايراني قيادت سان به سلام دعا آھي ، ترڪن سان به ڪا خاص دشمني ڪونهي ، روسي به هنن لاءِ نرم گوشه رکن ٿا، چين به هنن کي سرگرم افغان قوت تسليم ڪري ٿو ۽ وچ ايشيائي رياستن کي به قابل تي طالبان جي ممڪنه قبضي تي ڪا خاص ڳرتي نه آھي۔ جيڪڏهن اهي صرف افغانستان تائين  مذهبي ، قانوني ۽ رياستي تجربن کي محدود رکن۔

طالبان جي هاڻوڪي قيادت کي پنهنجي پوئنرن جي بنسبت اھو اندازو آھي ته ھڪ ڀيرو اقتدار کسجي وڃي ته  پوء ٻيھر وڏي مشڪل ۽ خونريزي کان پوء واپس ملي ٿو۔   پرڏيهي پاليسي ۾  مھم جوئي کي صرف ايتري جڳهه ڏني وڃي جو ڀر وارن ملڪن ۽ وڏيون طاقتون ان کي حضم ڪري سگھن۔  پوئين طالبان نسل معيشت کان وڌيڪ نظريي جي پرواهه ڪئي. موجوده نسل شايد گذريل ويهن سالن ۾ اھو به سکي ورتو آھي ته نظريو اقتدار جي ڪرسي ته ڏياري سگھي ٿو پر  رياستي جهاز جو انجڻ تقوا سان نه پيٽرول سان هلندو آهي  ۽ پيٽرول  صرف پرهيز گاري سان نه ، پر پئسن سان ايندو آهي.

جيڪڏھن پئسا نه آھن ته پوءِ بين الاقوامي امداد ۽ قرضن تائين رسائي فقط اخلاص جي بنياد تي ناھي پر ڪجھ وٺڻ ۽ ڪجھ ڏيڻ جي اصول تي  قائم ھوندي آھي ۽ ان تي وياج به ڏيڻو پرندو آھي۔ ھن وقت افغان بجيٽ جو 70 سيڪڙو  دنيا جي ملڪن جي خيرات تي مشتمل آهي. ان مان لڳي ٿو ته هاڻوڪا طالبان ماضي وارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اصول پسند ۽  وڌيڪ حقيقت پسند ثابت ٿيندا. ٻي صورت ۾ ھي ڪمپني گھڻي عرصي تائين هلڻ جي قابل نه رهندي. قبضو ڪرڻ ڪنهن به جنگ ۾ پهريون ۽ آسان قدم ھوندو آھي۔. اصل ويڙھ قبضي کان پوءِ شروع ٿيندي آھي  ۽ ان کي کٽڻ  لاءِ نه چاھيندي به  دنياداري  سکڻ  ۽ ان مطابق ھلڻ ناگزير آھي۔ (وصعت الله خان هي ڪالم بي بي سي اردو لاءِ لکيو جيڪو سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو ويو)

پهنجو تبصرو موڪليو