ڇا عائشه ڪيس جي درندن کي سزا ملي سگهندي؟ سجل علي

لاهور(ويب ڊيسڪ) اداڪارا سجل علي اقبال پارڪ ۾ عورت تي تشدد ۽ تذليل واري واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته اهڙي درندن کي ڪڏهن مثالي سزا ڏني ويندي؟ انسٽاگرام تي سجل علي جو چوڻ هو ته ڇا اها ڇوڪري 400 مردن اڳيان اهڙي سُلوڪ جي حقدار هئي؟ اداڪارا لکيو ته مردن جو هڪ اهڙو سمنڊ هو جيڪو ان درندن کي سولائي سان روڪي سگهي پيو پر ائين نه ٿيو. آخر اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ختم ٿيندو ۽ اسان ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهنداسين. واضح رهي ته 14 آگسٽ تي عائشا اڪرم ٽڪ ٽاڪ جو ويڊيو ٺاهڻ لاءِ اقبال پارڪ پهتي تي 400 کان مٿي ماڻهن کيس حراسان ڪيو، سندس ڪپڙا ڦاڙيا ۽ فٽبال جيا کيس اڇليندا رهيا. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪيس ته داخل ٿي ويو پر ڪاب گرفتاري نه ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو