ڇا اسان سنڌي واقعي جاهل آھيون يا سڌا ۽ سادا آھيون؟

محمد خالد ميمڻ

گذريل ڏينهن پنجاب جي هڪ عورت وزير فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌين کي جاهل ڪوٺيو هيو سنڌين کي جاهل رڳو هن وزير نه پر ان کان به اڳ اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف سميت ٻين به ڪيترن ئي سياستدانن دانشورن ڪوٺيو آھي هاڻي اچو ته سنڌين کي ان لقب ڏيڻ جو بغير ڪنهن جذبات جي تجزيو ڪريون ته ڇا واقعي اسان سنڌي جاهل آھيون يان نه؟ان جي لاء اسان کي پاڪستان ٺھڻ جي وقت کان وٺي تجزيو ڪرڻو پوندو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ان دؤر ۾ جڏهن هندوستان مان انگريزن کي ڪڍڻ جي تحريڪ هلي ته ان تحريڪ جي به سڀني کي خبر آھي ۽ جڏهن هندوستان کان الڳ ٿي ڪري پاڪستان ٺاهڻ جي تحريڪ هلي ته اها به سڀني کي معلوم آھي انهن سڀني ڳالهين خاص طور انگريزن کي هندوستان مان ڀڄائڻ ۽ پاڪستان جو الڳ وجود قائم ڪرڻ ۾ سنڌين جو وڏو ڪردار رهيو انگريزن کي هندوستان مان تڙڻ لاء سنڌ ۾ جيڪا ”حر مجاهد تحريڪ“هلي جنهن جو سرواڻ هڪ سنڌي جوڌو سورهيه بادشاه پير صبغت الله راشدي ۽ حرن جي قرباني کي اگر اوهان جهالت ڪوٺيو ته ڀلي ڪوٺيو ۽ بعد ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي لاء سنڌي اڳواڻن قائداعظم محمد علي جناح,سائين جي ايم سيد سميت ٻين مک سنڌي اڳواڻن جي ڏنل لازوال قربانين کي اوهان جهالت جو رنگ ڏيو ٿا ته ڀلي ڏيو ۽ وري جڏهن اوهان جن کي ملڪ جو واڳون سونپيون جن کي ملڪ جو مالڪ بڻايو انهن جي غلطين زيادتين ظلمن ڏاڍاين جي بدلي پاڪستان جو وڏو صوبو ملڪ کان الڳ ٿي رهيو هيو ۽ باقي بچيل پاڪستان به تباه وبرباد ٿيڻ تي هيو ته ان وقت هڪ مرد مجاهد هڪ ذهين دلير باصلاحيت اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي صورت ۾ منظر عام تي آيو ۽ ان پنهنجي ڀرپور خدادا صلاحيتن جي آڌار تي ۽ ملڪ سان سچائي جو هڪ مثال پيش ڪندي ملڪ جي 90 هزار قيد فوجين کي هندوستان کان آزاد ڪرائڻ سميت باقي رهيل تباه حال پاڪستان کي پنهنجو مضبوط ڪلهو ڏئي بچايو جنهن ۾ اڄ اوهان ويهي عوام تي حڪمراني ڪري رهيا آھيو ۽ انهن کي جاهل به چئي رهيا آھيو اگر اها ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو هڪ سنڌي جوان هيو ان جي سچائي کي اوهان جهالت جو نالو ڏيو ٿا ته ڀلي ڏيو ۽ جڏهن ملڪ تي مارشل لا مڙهي هڪ ڊڪٽيٽر جنرل ضياء الحق جي صورت ۾ يارنهن سال ملڪ کي اونداهي طرف ڌڪيو پرايون جنگيون پاڪستان اندر وڙهيون ملڪ اندر تعليم جي جاء تي ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ڪرايو ويو جنهن جي سزا اسان اڃان تائين ڀوڳي رهيا آھيون ان تباه حال ملڪ کي وري به هڪ سنڌي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو اچي بچايو ۽ سڄي دنيا اڳيان ملڪ جو نالو روشن ڪيائين اگر ان سنڌي نياڻي اهو ڀلو ڪم ڪيو ته اوهان ان کي جهالت جو نالو ڏيو ٿا ته ڀلي ڏيو هاڻي اچو ته ڏسون ته اسان سنڌي واقعي به جاهل آهيون يان سڌا ۽ سادا ماڻھون آھيون منهنجي پنهنجي ناقص عقل مطابق اسان سنڌي سڌا ۽ سادا انسان آھيون اسان ڪنهن تي به تمام جلد اعتبار ڪري سڀ ڪجھ انهن جي حوالي ڪري ٿا ڇڏيون انڪري فردوس عاشق اعواڻ,جنرل پرويز مشرف سميت ٻيا ابن الوقت,خودغرض,شاطر دماغ رکندڙ ماڻھو اسان جي سڌائپ ۽ سچائي کي جهالت جو روپ ڏيندي دير ڪونه ٿا ڪن جڏهن ته اسان سنڌين جي بنسبت ٻين صوبن جا ماڻھو مختلف ذھن رکن ٿا اهي ڪنهن به پارٽي يان ڪنهن به اڳواڻ تي اکيون ٻوٽي اعتبار نه ٿا ڪن اهي اسان وانگر سنڌا ۽ سادا ڪونه آھن هرهڪ شئ کي مختلف زاوين ۽ مختلف طريقن سان آزمائي پوء اعتبار ڪن ٿا ۽ انهن مان ڪم وٺي وري ڪو ٻيو در ڏسن ٿا جنهن جي ڪري انهن کي سياڻو سڏيو ٿو وڃي ۽ اهي ئي وري اسان سنڌين جي ان سچائي سادگي کي جهالت جو نالو ڏين ٿا پر مان انهن اڳواڻن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اوهان ڀلي هوشيار,چالاڪ هجو پر ماضي ۾ ۽ انشاء الله وري مستقبل ۾ به اسان سادا ۽ سڌا ماڻھو اوهان جي ڪم اينداسين پر گڏوگڏ مان پنهنجي سنڌي ڀائرن ڀينرن کي پڻ هڪ ڳالھ چوندس ته خدارا اوهان هاڻي پنهنجي سادگي ۽ سڌائپ ڇڏي ڏيو ڇاڪاڻ ته اوهان جي ان سادگي سڌائپ ۽ سچائي مان هر چالاڪ شاطر ابن الوقت خودغرض ماڻھن تمام گهڻا ناجائز فائدا ورتا آھن جنهن جو مان صرف هڪ مثال اوهان آڏو اهو رکندس ته اسان عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي تي لٽڪائي شھيد ڪيو ويو ۽ اسان جي دلين جي راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي سرعام شهيد ڪيو ويو ته انهن قتلن مان هن مهل تائين اهي ماڻھو انهن جي نالي تي اسان جي جذبات سان کيڏي فائده وٺي رهيا آھن ۽ اسان پنهنجي سچائي سڌائپ جي ڪري سڀ ڪجھ انهن جي حوالي ڪري پنهنجو وڏو نقصان ڪيو آھي ۽ اڃان به ڪري رهيا آھيون جڏهن اهي چالاڪ ماڻھو شھيدن جي نالي اسان کي لٽي ۽ ڦري به رهيا آھن ۽ پاڻ کي اسان جو اصل همدرد به سڏي رهيا آھن انڪري منهنجا سنڌيو هاڻي اک پٽيو ۽ تڪي توري هوشياري ۽ ڏاهپ سان پنهنجا اهڙا اڳواڻ چونڊيو جيڪي اوهان جا حقيقي سچا اڳواڻ هجڻ جو فرض ادا ڪن نه ڪي اوهان جي جذبات جو غلط فائدو وٺي اوهان کي رڳو ڪوڙن نعرن ۽ حوالن تي لٽين ۽ ڦرين مهرباني ڪري جذبات ڇڏيو ۽ جيئن اوهان رڳو چند روپين جي سبزي يان فروٽ تڪي توري هوشياري سان وٺندا آھيو ائين پنهنجي مستقبل جا اڳواڻ به سوچي سمجهي چونڊيو نه ته اڳتي به جنرل پرويز مشرف ۽ فردوس عاشق جهڙا نقلي اڳواڻ وري به اوهان جي ان سڌائپ سچائي کي جهالت جو نالو ڏئي اسان سنڌين کي جاهل سڏيندا رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو