ڇا اروا حسين ۽ فرحان سعيد راهون جدا ڪري ڇڏيون

لاهور(ويب ديسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مقبول ترين جوڙي اداڪاره عروه حسين ۽ گلوڪار فرحان سعيد جي عليحدگي جي خبر سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.سوشل ميڊيا تي اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته عروه حسين ۽ فرحان سعيد شادي جي 4 سالن کانپوءِ گڏيل رضامندي سان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. فرحان سعيد ۽ عروه حسين جي عليحدگي جي خبر سوشل ميڊيا تي جنگل جي باهه وانگر پکڙجي وئي آهي .اداڪار جوڙي جا مداح رڳو پنهنجي حتمي بيان جي انتظار ۾ آهن جئين اهي انهي تي يقين ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته 2016 ۾ اداڪاره عروه حسين کي گلوڪار فرحان سعيد پيرس ۾ شادي لاءچيو هو جنهن بعد انهن بادشاهي مسجد ۾ شادي ڪئي هئي.فرحان ۽ عروه حسين جي شادي سوشل ميڊيا تي هڪ مٿانهين رجحان هئي ۽ اهوجوڙو شوبز ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور جوڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو