چين کان ڳوٺ پهتل شاگرد جي حالت خراب، اسپتال منتقل

پيرجوڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) ڳوٺ مگرجي جو نوجوان شاگرد شاهزيب پٽ محمد پناهه راهوجو چين کان ڳوٺ مگرجي پهتو آهي جتي هن جي حالت خراب ٿي وئي آهي. نوجوان شاگرد شاهزيب راهوجو جو چوڻ آهي ته هوُ 5 مهينا اڳ چين جي چنگڊو شهر جي ايس ڊبليو پي يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهي چنگڊو شهر ووهان شهر کان 300 ڪلو ميٽر مفاصلي تي آهي ۽ چين ۾ ڪرونا وائرس پکڙجڻ بعد هوُ چين جي ايئرپورٽ تان قطر پهتو جتان 2 ڏينهن اڳ ڪراچي جي ايئرپورٽ تان گھر پهتو آهي ته کيس ڳلي جي تڪيلف ٿيڻ سان گڏ کنگھ ۽ نڪ مان رت به اچي ٿي ان ڪري مون کي ڪرونا وائرس ٿيڻ جو خدشو آهي اهڙي صورتحال ڪري هوُ ۽ سندس مائٽ سخت پريشان آهن. اهڙي اطلاع کانپوءِ صحت کاتي خيرپور کيس ايمبولينس موڪلي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان کي خيرپور يا گمبٽ اسپتال جي الڳ وارڊ ۾ داخل ڪيو ويندو ۽ هن جا سيمپل حاصل ڪرڻ بعد اسلام آباد موڪليا ويندا ۽ رپورٽ اچڻ بعد کيس اسلام آباد به موڪلي سگھجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو