چيني ڪمپنين تي پابندي ۽ ٽيڪس نه لڳايو، ايپل جو ٽرمپ کي خط

نيويارڪ(م ڊ) ٽيڪ ڪمپني ايپل امريڪي صدر ٽرمپ کي خط لکي چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني هواوي تي پابنديون هڻڻ ۽ چين سان واپار تي آمريڪا پاران ٽيڪس وڌائڻ سبب اسان جي ڪمپني سخت متاثر ٿيندي. امريڪا جي ملٽي نيشنل ڪمپني ايپل جنهن جي سالياني آمدن پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن جي آمدن کان وڌيڪ آهي، تنهن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن هواوي تي پابنديون لڳيون ۽ چين سان واپار تي ٽيڪس جي شرح وڌائي وئي ته ان سان امريڪا کي نقصان ٿيندو، ايپل جو ڪاروبار دنيا ڀر ۾ متاثر ٿيندو ۽ چيني ڪمنيون کانئن اڳتي نڪري وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو