چيني شهري 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي مارڪٽ ڪندڙ چيني شهري کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. خميس تي پوليس کيس رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو. گذريل ڏينهنن ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ چيني شهري نو پارڪنگ جڳهه تي گاڏي بيهارڻ واري معاملي تان ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيوهو. پوليس موجب قيوم آباد چورنگي ويجهو هڪ معروف ڊيپارٽمينٽل اسٽور تي چيني باشندي پاڪستاني ڊرائيور سان شاپنگ لاءِ پهتو. ڊرائيور گاڏي کي اسٽور ٻاهران پارڪ ڪرڻ لڳو ته اتي مقرر ٽريفڪ پوليس اهلڪار عامر انهن کي نوپارڪنگ جو بورڊ ڏيکاريندي گاڏي بيهارڻ کان منع ڪيو. پوليس موجب چيني باشندو ڪاوڙجي پيو ۽ پوليس اهلڪار کي گاڏي هٽائڻ تان تشدد جو نشانو بڻائيندي چهري تي مڪو هنيو جنهن سان هو رتورت ٿي ويو. ان دوران اُتي موجود ماڻهن ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن انهن کي ڇڏايو. مقامي ٿاڻي جي پوليس مطابق اطلاع ملڻ تي پوليس پارٽي موقعي واري جڳهه پهچي چيني باشندي مسٽر سونگ کي گرفتار ڪري زخمي اهلڪار کي اسپتال ۾ طبي امداد لاءِ روانو ڪيو. پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ چيني باشندي خلاف پوليس اهلڪار عامر جي مدعيت ۾ ڪورنگي صنعتي ايريا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چيني باشندي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي جنهن کي سڀاڻي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو