چينل 24 جي نشريات بحال، پيمرا کي نوٽيس جاري، جواب طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) چينل 24 جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ نشريات بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيمرا 3 جولاءِ تي سندن قانوني خلاف وزرزي ڪرڻ تي لائسنس معطل ڪيو هو. جسٽس ساجد محمود سيٺي جي عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي ته پيمرا جي وڪيل چيو ته چينل ۽ پيمرا جي آفيس اسلام آباد ۾ آهي ان ڪري هن معاملي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حد آهي لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس نٿي ٻڌي سگهي. عدالت چينل 24 ايڇ ڊي جي درخواست تي نشريات بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي پيمرا ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو 8 جولاءِ تي کين جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هي اهم معاملو آهي روزانو جي بنياد تي ان جي ٻڌڻي ٿيندي. ياد رهي ته پيمرا جو چوڻ آهي ته انٽرٽينمينٽ چينل جو لائسنس وٺي ان تي نيوز ۽ ڪرنٽ افيئر جا پروگرام هلائڻ غير قانوني آهن. چينل 24 وارن کي ڪيترا ڀيرا طلب ڪيو پر هو جواب نٿا ڏين. 3 جولاءِ تي چينل جي نشريات تي پابندي خلاف سڄي ملڪ ۾ صحافتي تنظيمين احتجاجي مظاهرا به ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو