چيف جسٽس ۽ وڏي وزير پاران دودو ڀيل معامري تي رپورٽون طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت دودي ڀيل جي قتل جوپاڻمرادو نوٽيس وٺندي مٺي جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. چيف جسٽس ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي 13 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ گارڊز جي تشدد ۾ مارجي ويل پورهيت دودي ڀيل واقعي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني وزارتي ڪميٽي جوڙي 3 ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، سردار شاهه ۽ تيمور ٽالپر شامل هوندا. سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڊي آءِ جي حيدرآباد کي معاملي جي جاچ لاءِ مقرر ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو