چيف اليڪشن ڪمشنر مقرري، حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ پيش رفت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري واري معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ جاري ڊيڊ لاڪ جي خاتمي لاءِ اهم پيش رفت سامهون آئي آهي. ذريعن مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري معاملي تي اپوزيشن ۽ حڪومت پنهنجا نالا واپس وٺي ڇڏيا آهن ۽ ٻئي چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ نون نالن تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن ٻيهر نوان نالا پارلياماني ڪميٽي کي موڪليندا ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ 8 نون نالن جي لسٽ تيار ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته حڪومت طرفان پهرين بابر يعقوب، فضل عباس ميڪن ۽ عارف خان جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا جڏهن ته اپوزيشن طرفان ناصر کوسه، جليل عباس جيلاني ۽ اخلاق تارڙ جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو