دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين تباھي مچائي ڇڏي. بيماريون ڦھلجڻ ڪري روزانو وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مرڻ لڳو آھي، جڏھن ته دڙو، ٻنون ۽ ٻين شھرن ۾ قائم ٿيل جانورن جي اسپتالن کي تالا لڳل آھن، ۽ مقرر وٽرنري عملو پنھنجون پرائيويٽ اسپتالون ھلائي گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا آھن. آبڪلاڻي جي موسم شروع ٿيندئي چوپائي مال ۾ پيدا ٿيل بيمارين سبب ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آھن، مالوند ماڻھو جانورن جو سرڪاري علاج نه ٿيڻ سبب سخت پريشان آھن. ان ڏس ۾ دڙو، ٻنون، لائقپور، راھوٺ، حسين پور، بچل گگو، ابڙال، ڪنڊور، جھوڪ شريف ۽ ان جي آسپاس جي مختلف ڳوٺن راھوٺ، ڳوٺ الھڏنو پليجو، ڊڀوموري، ڳوٺ رتو لاشاري، ڳوٺ اميربخش پليجو، ڳوٺ حاجي عمر پليجو، ڳوٺ عمر منڇري، ڳوٺ علي محمد سومرو، ڳوٺ ڏاڏا شاھ، ابڙال، ڳوٺ بابو لاشاري، ڳوٺ پير محمد ڀنڀرو، ڳوٺ صديق ڪنڊرا، ڳوٺ عثمان ٻروچاڻي، ڳوٺ محمد سھتو، ڳوٺ بچل گگو، ڳوٺ صابر پليجو، ڳوٺ ابو پنڃارو سميت ٻين ڳوٺن جي رھواسين الھڏنو پليجو، محمد علي سومرو، بچل لاشاري، يعقوب ڀنڀرو، عارب پليجو، نواز ڪرو، اميد علي گگو، سيد بچل شاھ، سائين ڏنو جاکرو، بشير پليجو، مشتاق لاشاري ۽ ٻين سوين مالوند ماڻھن چوپائي مال جو علاج نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آھي تہ دڙو، ٻنون، بچل گگو، ابڙال، راھوٺ، حسين پور ۽ تعلقي ميرپوربٺورو جي ٻين يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن ۾ ٻيھر چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري سندن چوپايو مال وڏي تعداد ۾ مري رھيو آھي، ان باوجود جانورن جي سرڪاري اسپتالن تي مقرر وٽرنري عملو غير حاضر ھئڻ سبب بيمار جانورن جو ڪير بہ علاج ڪرڻ وارو ناھي. ھنن چيو ته دڙو، ٻنون ۽ مختلف شھرن ۾ قائم جانورن جي سرڪاري اسپتالن کي تالا لڳل آھن، ۽ اسپتالن ۾ مقرر عملو گھر ويٺي مفت جون پگھارون کڻي سرڪار جو پئسو ضايع ڪري رھيو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن ميرپوربٺورو تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ جانورن جي علاج لاء جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي سندن بيمار جانورن جو علاج ڪرائي کين پھچندڙ نقصان کان بچائي سموريون بند پيل جانورن جي اسپتال چالو ڪري عملو مقرر ڪري ڀاڳين کي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو