چوهاڻ تي هڪ ٻيو ڪيس داخل، ٻن ڏينهن جو رمانڊ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جهانگير ترين گروپ جو ايم پي اي نذير چوهاڻ هڪ وڌيڪ ڪيس ۾ ايف آءِ اي هٿان گرفتار، ايف آءِ اي ٽيم سائبر ڪرائيم ڪيس ۾ نذير چوهاڻ کي جيل مان گرفتار ڪيو هو ، وزير اعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، نذير چوهاڻ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو. پهرين ڪيس ۾ سندس ضمانت ٿي هئي پر مچلڪا جمع نه ٿيڻ سبب گذريل رات کيس ڪوٽ لکپت جيل ۾ گذارڻي پئي. خميس تي مٿس ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ ڌمڪين جو به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن هڪ مبينه وائرل ٿيل ويڊيو ۾ شهزاد اڪبر تي قادياني هجڻ جو الزام هڻندي کيس برو ڀلو چيو هو. بعد ۾ هن چيو هو ته اهو آواز سندس جو ناهي.ايف آءِ اي کيس جوڊيشل مئجسٽريٽ عبدالرحمان جي عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن ٻن ڏينهن جي رمانڊ جي منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو