عمران خان پاران لٽيرن جي بي رحم احتساب جو اعلان

اسلام آباد(اياز مهر) پاڪستان ۾ گذريل سال ٿيل چونڊن جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڦر لٽ ڪندڙن جو بي رحم احتساب جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ٻئي پاسي گڏيل اپوزيشن ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي رهي آهي. ٽن ڏينهن جو آمريڪي دورو ڪرڻ بعد ڪمرشل فلائيٽ ۾ خميس تي فجر مهل اسلام آباد هوائي اڏي تي پهچڻ وقت تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو ۽ عمران خان جيڪو تمام گهڻو خوش نظر آيو تنهن چيو ته مان ڪنهن پرڏيهي دوري تان واپس نه پر ورلڊ ڪپ جيان فاتح ٿي موٽيو آهيان. هن آمريڪي صدر ٽرمپ سان ٿيل ڪامياب ڳالهين جي تناظر ۾ اها ڳالهه چئي. سندس دوري جي سڀ کان وڏي بظاهر ڪاميابي صدر ٽرمپ پاران ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جو اعلان به آهي. عمران خان چيو ته چورن، ڦورن ۽ لٽيرن کي نه ڇڏيندس. هن ڪنهن جو به نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ملڪ لٽيندڙن جن پئسو ٻاهر رکيو آهي اهو واپس آڻڻ لاءِ آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي. هن ڇيو ته لٽيرن ملڪ جا ادارا تباهه ڪيا آهن انهن کي ٺيڪ ڪريون پيا. سندس تقرير دوران ڪارڪنن زوردار نعرا هنيا ۽ تاڙيون وڄايون. ان کان اڳ آمريڪا ۾ ڪانگريس ميمبرن ۽ ٽرمپ انٽطاميا جي اهم نمائندن سان هن ملاقاتون ڪيون ۽ چيو ته افغانستان ۾ امن بابت سندن خيالن ۾ هڪجهڙائي آهي. عمران خان آمريڪي اهلڪارن تي زور ڀريو ته هڪٻئي تي اعتماد ۽ اعتبار ڪرڻو پوندو ۽ ان کانسواءِ اڳتي وڌي نٿو سگهجي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ٽرمپ جي ملاقات ۾ ٿيل ڳالهين جو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڀليڪار ڪئي هئي. اپوزيشن جي ٻين سڀني اڳواڻن دوري کي ناڪام قرار ڏيندي مٿس تنقيد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو