ملير(رپورٽ درياخان شر) ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل 20 کان وڌيڪ راندين جا ميدان ابراهيم حيدري، ريڙهي، جمع حمايتي ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، ڪوهي ڳوٺ، پپري، ڊملوٽي، ڪاٺوڙ، درساڻو ڇنو سميت ٻيا انتظاميا جي عدم دلچسپي ۽ بي ڌياني سبب اجڙي ويا آهن. راندين جي ميدان جي مينٽيٽنس ۽ اپ گريڊ ڪرڻ لاء ملندڙ سالياني فنڊ ھڙپ، راندين جي ميدانن جون چار ديواري ، باٿ روم، ڪينٽين، ڪلب روم ۽ ٻيون اڏاوتي سهولتون تباھ ٿي ويون آهن. ڄاڻايل ميدانن تي رانديون ۽ مقابلا نه هجڻ برابر آهن. رڪارڊ ۾ موجود ڪروڙين رپين جي سهولتن مان گراسي، لائيٽون ۽ ٻيون سهولتون نظر نه آيون. ان سلسلي ۾ نوجوان رانديگرن وحيد مراد حمايتي، شڪيل حمايتي، حضور بخش، غلام اڪبر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڄاڻايل راند جي ميدان ۾ گراسي ۽ لائيٽون لڳل هيون ۽ هتي رات ڏينهن ميچون ٿينديون هيون پر اوچتو ڏسندي ئي ڏسندي لائيٽون چوري ٿي ويون ۽ گراسي ختم ٿي وئي، جنهن جي مرمت لاءِ سالياني ھڪ ڪڙوڙ رپيا منظور ڪيا ويا پر انهن پيسن مان هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو. هنن چيو ته حڪومتي ادارن ۽ چونڊيل نمائندن ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. نوجوانن کي راندين کان محروم ڪندڙن خلاف جاچ ڪري ذميوران کي سزا ڏني وڃي ۽ فوري طور راندين جي ميدانن جون سھولت بحال ڪيون وڃن.
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف