اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي مان چونڊيل پارٽي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هدايت ڪئي آهي ته هو عيد ۽ آزادي واري ڏينهن جي موڪلن دوران پنهنجي پنهنجي حلقن ۾ موجود رهن ۽ عوام جا مسئال حل ڪن. اهڙو اظهار هن توئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي ڪيترن ڏهاڪن کان نظرانداز ڪيل عوام جي بهتري لاءِ زبردست منصوبن تي مشتمل پيڪيج تيار ڪري رهيا آهيون جنهن جو جلد اعلان ڪنداسين. ياد رهي ته وفاقي حڪومت هلندڙ سال مئي ۾ سنڌ جي گورنر هائوس ۾ 162 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو. اها رقم ڪراچي جي 18 منصوبن تي خرچ ٿيڻي هئي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو هو. وزيراعظم جي تازي اعلان بعد اهو واضح ناهي ته هو پراڻي اعلانيل رقم جي منصوبن ۾ ردوبدل ڪندو، پراڻي پيڪيج واري رقم هوندي يا نئين رقم مختص ڪندو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو