چور ڇت پٽي موبائيل فون جو دوڪان ٻهاري ويا، پوليس خاموش

ڳڙھي خيرو (جاويد لغاري) دوداپور ناڪي وٽان چورن ارشاد ڀٽو جي موبائيل دڪان جي ڇت ڀڃي هزارين روپين جو سامان کڻي ويا.جنهن ۾ نقد رقم، موبائيل سيٽ، چارجر ۽ ايم پي ٿري سيٽ پن شامل آهن. دڪاندار ٻڌايو ته صبح جو دڪان تي ويس ڇت ڦٽيل هئي ۽ سامان غائب هو ڪجهه خالي کوکا پيا هئا. بروقت پوليس کي اطلاع  ڪيو پر ھن وقت تائين پوليس ٻوٺو نه ٻاريو الٽو مونکي پريشان ڪيو پيو وڃي. آءُ اعليٰ آفيسرن کي اپيل ٿو ڪريان ته مونسا انصاف ڪيو وڃي چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو