چوري ڪوئلو ڪڍندي رسو ٽٽڻ سبب 2 مزدور فوت

مانجهند (مهراڻ عمراڻي)لاکڙا ڪول فيلڊ جي ڪاشف ڪوئلا ڪمپني ۾ لاڪ ڊائون سبب چوري ڪوئلو ڪڍرائڻ دوران  رسو ٽٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾  کاڻ ۾ ڪرڻ سبب 37 ورهين جو سرويئر وقار ميانوالي واسي ۽ 35 ورهين جو  مزدور شانگلا واسي  سردار علي پٺاڻ  موقعي تي فوت ٿي ويا  ڪمپني مزدورن  فوتين جي لاشن کي ٻاهر ڪڍرائي مقامي ڊسپينسري منتقل ڪيا جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش ڪمپني انتظاميا حوالي ڪيا ويا  جن جي لاشن کي ڪمپني انتظاميا غسل ڪفن ڏئي جنازي نماز ادا ڪئي جنهن بعد مڙھن کي سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيو. هوڏانهن مزدورن سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪوئلي جي اڪثر ڪمپنين ۾ رقم بچائڻ لاءِ پراڻو مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب حادثا معمول بڻيل آھن ذريعن موجب لاڪ ڊائون باوجود  انڊس ڪول مائينز پوليس سان ملي ڀڳت ڪري ڪيتريون ئي ڪوئلا ڪمپنيون ڪوئلو ڪڍرائي رهيون آھن  رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ  ٻڌايو ته ڪمپني انتظاميا تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو